انشاء عظيم ٺٽوي (قلمي)

انشاء عظيم ٺٽوي (قلمي)

انشاء عظيم ٺٽوي قلمي

انشاء عظيم ٺٽوي (قلمي): هي قلمي ڪتاب خط و ڪتابت جي فن تي فارسي ٻولي ۾ ٽالپر حاڪمن جي امير سيد عظيم الدين ٺٽويءَ جو لکيل آهي. مير عظيم هن نصاب ۾ خط، فرمان، حڪناما، پروانا ۽ ٻيا وڏي آساني سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ آخر ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر جي سرڪاري لکپڙهه، خطن ۽ فرمانن کي پڻ شامل ڪيو اٿس. ڪتاب جي شروعات هن ريت ٿئي ٿي:
”فضائل و کمالات دستگاهه سلمه الله تعالى...“
۽ اختتام هيئن ٿئي ٿو:
”...ازدست حقير پر تقصير سيد اشرف
علي بن سيد متين الدين.“
هي ڪتاب خط شڪسته ۾ سيد اشرف علي جو ڪتابت ڪيل آهي، جنهن ۾ ڪل 337 صفحا آهن. هي قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو